بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
90:1لَآ أُقۡسِمُ بِهَٰذَا ٱلۡبَلَدِ
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو
90:2وَأَنتَ حِلُّۢ بِهَٰذَا ٱلۡبَلَدِ
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين
90:3وَوَالِدٍ وَمَا وَلَدَ
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو
90:4لَقَدۡ خَلَقۡنَا ٱلۡإِنسَٰنَ فِي كَبَدٍ
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون
90:5أَيَحۡسَبُ أَن لَّن يَقۡدِرَ عَلَيۡهِ أَحَدٌ
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟
90:6يَقُولُ أَهۡلَكۡتُ مَالًا لُّبَدًا
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو
90:7أَيَحۡسَبُ أَن لَّمۡ يَرَهُۥٓ أَحَدٌ
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟
90:8أَلَمۡ نَجۡعَل لَّهُۥ عَيۡنَيۡنِ
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟
90:9وَلِسَانًا وَشَفَتَيۡنِ
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟
90:10وَهَدَيۡنَٰهُ ٱلنَّجۡدَيۡنِ
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس
90:11فَلَا ٱقۡتَحَمَ ٱلۡعَقَبَةَ
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو
90:12وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلۡعَقَبَةُ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟
90:13فَكُّ رَقَبَةٍ
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي
90:14أَوۡ إِطۡعَٰمٌ فِي يَوۡمٍ ذِي مَسۡغَبَةٍ
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ
90:15يَتِيمًا ذَا مَقۡرَبَةٍ
مائٽي واري ڇوري ٻار کي
90:16أَوۡ مِسۡكِينًا ذَا مَتۡرَبَةٍ
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي
90:17ثُمَّ كَانَ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلصَّبۡرِ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلۡمَرۡحَمَةِ
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون
90:18أُوْلَٰٓئِكَ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن
90:19وَٱلَّذِينَ كَفَرُواْ بِـَٔايَٰتِنَا هُمۡ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن
90:20عَلَيۡهِمۡ نَارٌ مُّؤۡصَدَةُۢ
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي
Translation: Taj Mehmood Amroti.