بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
89:1وَٱلۡفَجۡرِ
پرھ جو قسم آھي
89:2وَلَيَالٍ عَشۡرٍ
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي
89:3وَٱلشَّفۡعِ وَٱلۡوَتۡرِ
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي
89:4وَٱلَّيۡلِ إِذَا يَسۡرِ
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي
89:5هَلۡ فِي ذَٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِي حِجۡرٍ
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي
89:6أَلَمۡ تَرَ كَيۡفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو
89:7إِرَمَ ذَاتِ ٱلۡعِمَادِ
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا
89:8ٱلَّتِي لَمۡ يُخۡلَقۡ مِثۡلُهَا فِي ٱلۡبِلَٰدِ
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي
89:9وَثَمُودَ ٱلَّذِينَ جَابُواْ ٱلصَّخۡرَ بِٱلۡوَادِ
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون
89:10وَفِرۡعَوۡنَ ذِي ٱلۡأَوۡتَادِ
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين)
89:11ٱلَّذِينَ طَغَوۡاْ فِي ٱلۡبِلَٰدِ
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي
89:12فَأَكۡثَرُواْ فِيهَا ٱلۡفَسَادَ
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون
89:13فَصَبَّ عَلَيۡهِمۡ رَبُّكَ سَوۡطَ عَذَابٍ
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو
89:14إِنَّ رَبَّكَ لَبِٱلۡمِرۡصَادِ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي
89:15فَأَمَّا ٱلۡإِنسَٰنُ إِذَا مَا ٱبۡتَلَىٰهُ رَبُّهُۥ فَأَكۡرَمَهُۥ وَنَعَّمَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّيٓ أَكۡرَمَنِ
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو
89:16وَأَمَّآ إِذَا مَا ٱبۡتَلَىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيۡهِ رِزۡقَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّيٓ أَهَٰنَنِ
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو
89:17كـَلَّاۖ بَل لَّا تُكۡرِمُونَ ٱلۡيَتِيمَ
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو
89:18وَلَا تَحَٰٓضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلۡمِسۡكِينِ
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو
89:19وَتَأۡكُلُونَ ٱلتُّرَاثَ أَكۡلًا لَّمًّا
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو
89:20وَتُحِبُّونَ ٱلۡمَالَ حُبًّا جَمًّا
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو
89:21كـَلَّآۖ إِذَا دُكَّتِ ٱلۡأَرۡضُ دَكًّا دَكًّا
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي
89:22وَجَآءَ رَبُّكَ وَٱلۡمَلَكُ صَفًّا صَفًّا
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا)
89:23وَجِاْيٓءَ يَوۡمَئِذِۭ بِجَهَنَّمَۚ يَوۡمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ ٱلۡإِنسَٰنُ وَأَنَّىٰ لَهُ ٱلذِّكۡرَىٰ
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي
89:24يَقُولُ يَٰلَيۡتَنِي قَدَّمۡتُ لِحَيَاتِي
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا
89:25فَيَوۡمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُۥٓ أَحَدٌ
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو
89:26وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُۥٓ أَحَدٌ
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو
89:27يَٰٓأَيَّتُهَا ٱلنَّفۡسُ ٱلۡمُطۡمَئِنَّةُ
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ
89:28ٱرۡجِعِيٓ إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرۡضِيَّةً
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي
89:29فَٱدۡخُلِي فِي عِبَٰدِي
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ
89:30وَٱدۡخُلِي جَنَّتِي
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ
Translation: Taj Mehmood Amroti.