بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
96:1ٱقۡرَأۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلَّذِي خَلَقَ
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو
96:2خَلَقَ ٱلۡإِنسَٰنَ مِنۡ عَلَقٍ
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين
96:3ٱقۡرَأۡ وَرَبُّكَ ٱلۡأَكۡرَمُ
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي
96:4ٱلَّذِي عَلَّمَ بِٱلۡقَلَمِ
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو
96:5عَلَّمَ ٱلۡإِنسَٰنَ مَا لَمۡ يَعۡلَمۡ
ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو
96:6كـَلَّآ إِنَّ ٱلۡإِنسَٰنَ لَيَطۡغَىٰٓ
سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي
96:7أَن رَّءَاهُ ٱسۡتَغۡنَىٰٓ
جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي
96:8إِنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلرُّجۡعَىٰٓ
بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي
96:9أَرَءَيۡتَ ٱلَّذِي يَنۡهَىٰ
اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي
96:10عَبۡدًا إِذَا صَلَّىٰٓ
(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي
96:11أَرَءَيۡتَ إِن كَانَ عَلَى ٱلۡهُدَىٰٓ
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا
96:12أَوۡ أَمَرَ بِٱلتَّقۡوَىٰٓ
يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا
96:13أَرَءَيۡتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰٓ
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو
96:14أَلَمۡ يَعۡلَم بِأَنَّ ٱللَّهَ يَرَىٰ
ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو
96:15كـَلَّا لَئِن لَّمۡ يَنتَهِ لَنَسۡفَعَۢا بِٱلنَّاصِيَةِ
ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس
96:16نَاصِيَةٍ كَٰذِبَةٍ خَاطِئَةٍ
اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي
96:17فَلۡيَدۡعُ نَادِيَهُۥ
پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي
96:18سَنَدۡعُ ٱلزَّبَانِيَةَ
اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون
96:19كـَلَّا لَا تُطِعۡهُ وَٱسۡجُدۡۤ وَٱقۡتَرِب
ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ
Translation: Taj Mehmood Amroti.