Surah 86 · 17 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah At-Tariq in Sindhi

In English with tafsir

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

86:1

وَٱلسَّمَآءِ وَٱلطَّارِقِ

آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي

86:2

وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلطَّارِقُ

۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟

86:3

ٱلنَّجۡمُ ٱلثَّاقِبُ

(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي

86:4

إِن كُلُّ نَفۡسٍ لَّمَّا عَلَيۡهَا حَافِظٌ

ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي

86:5

فَلۡيَنظُرِ ٱلۡإِنسَٰنُ مِمَّ خُلِقَ

تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي

86:6

خُلِقَ مِن مَّآءٍ دَافِقٍ

ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس

86:7

يَخۡرُجُ مِنۢ بَيۡنِ ٱلصُّلۡبِ وَٱلتَّرَآئِبِ

جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي

86:8

إِنَّهُۥ عَلَىٰ رَجۡعِهِۦ لَقَادِرٌ

بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي

86:9

يَوۡمَ تُبۡلَى ٱلسَّرَآئِرُ

جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا

86:10

فَمَا لَهُۥ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ

پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس)

86:11

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلرَّجۡعِ

۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي

86:12

وَٱلۡأَرۡضِ ذَاتِ ٱلصَّدۡعِ

۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي

86:13

إِنَّهُۥ لَقَوۡلٌ فَصۡلٌ

ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي

86:14

وَمَا هُوَ بِٱلۡهَزۡلِ

۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي

86:15

إِنَّهُمۡ يَكِيدُونَ كَيۡدًا

بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا

86:16

وَأَكِيدُ كَيۡدًا

۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو

86:17

فَمَهِّلِ ٱلۡكَٰفِرِينَ أَمۡهِلۡهُمۡ رُوَيۡدَۢا

پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي

Translation: Taj Mehmood Amroti.