بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
56:1إِذَا وَقَعَتِ ٱلۡوَاقِعَةُ
جڏھن قيامت ايندي
56:2لَيۡسَ لِوَقۡعَتِهَا كَاذِبَةٌ
جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي
56:3خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ
ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري
56:4إِذَا رُجَّتِ ٱلۡأَرۡضُ رَجًّا
جڏھن زمين سخت ڌوڏبي
56:5وَبُسَّتِ ٱلۡجِبَالُ بَسًّا
۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا
56:6فَكَانَتۡ هَبَآءً مُّنۢبَثًّا
پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا
56:7وَكُنتُمۡ أَزۡوَٰجًا ثَلَٰثَةً
۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ
56:8فَأَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ
پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا
56:9وَأَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
56:10وَٱلسَّٰبِقُونَ ٱلسَّٰبِقُونَ
۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا
56:11أُوْلَٰٓئِكَ ٱلۡمُقَرَّبُونَ
اھي (ئي) مقرب آھن
56:12فِي جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا
56:13ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلۡأَوَّلِينَ
گھڻا پھرين مان
56:14وَقَلِيلٌ مِّنَ ٱلۡأٓخِرِينَ
۽ ٿورا پوين مان
56:15عَلَىٰ سُرُرٍ مَّوۡضُونَةٍ
(سون سان) اُڻيل تخت تي
56:16مُّتَّكِـِٔينَ عَلَيۡهَا مُتَقَٰبِلِينَ
ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا
56:17يَطُوفُ عَلَيۡهِمۡ وِلۡدَٰنٌ مُّخَلَّدُونَ
ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا
56:18بِأَكۡوَابٍ وَأَبَارِيقَ وَكَأۡسٍ مِّن مَّعِينٍ
آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن)
56:19لَّا يُصَدَّعُونَ عَنۡهَا وَلَا يُنزِفُونَ
(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا
56:20وَفَٰكِهَةٍ مِّمَّا يَتَخَيَّرُونَ
۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن
56:21وَلَحۡمِ طَيۡرٍ مِّمَّا يَشۡتَهُونَ
۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين
56:22وَحُورٌ عِينٌ
۽ وڏين اکين وارون حورون
56:23كَأَمۡثَٰلِ ٱللُّؤۡلُوِٕ ٱلۡمَكۡنُونِ
(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون
56:24جَزَآءَۢ بِمَا كَانُواْ يَعۡمَلُونَ
جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾
56:25لَا يَسۡمَعُونَ فِيهَا لَغۡوًا وَلَا تَأۡثِيمًا
اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا
56:26إِلَّا قِيلًا سَلَٰمًا سَلَٰمًا
پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو
56:27وَأَصۡحَٰبُ ٱلۡيَمِينِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلۡيَمِينِ
۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا
56:28فِي سِدۡرٍ مَّخۡضُودٍ
لاسڙين ٻيرين ۾
56:29وَطَلۡحٍ مَّنضُودٍ
۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾
56:30وَظِلٍّ مَّمۡدُودٍ
۽ ڊگھن پاڇن ۾
56:31وَمَآءٍ مَّسۡكُوبٍ
۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾
56:32وَفَٰكِهَةٍ كَثِيرَةٍ
۽ گھڻن ميون ۾
56:33لَّا مَقۡطُوعَةٍ وَلَا مَمۡنُوعَةٍ
نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا
56:34وَفُرُشٍ مَّرۡفُوعَةٍ
۽ اُچا وڇاڻا
56:35إِنَّآ أَنشَأۡنَٰهُنَّ إِنشَآءً
بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي
56:36فَجَعَلۡنَٰهُنَّ أَبۡكَارًا
پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون
56:37عُرُبًا أَتۡرَابًا
مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون
56:38لِّأَصۡحَٰبِ ٱلۡيَمِينِ
سڄي پاسي وارن لاءِ
56:39ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلۡأَوَّلِينَ
گھڻي جماعت پھرين مان آھي
56:40وَثُلَّةٌ مِّنَ ٱلۡأٓخِرِينَ
۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي
56:41وَأَصۡحَٰبُ ٱلشِّمَالِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلشِّمَالِ
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا
56:42فِي سَمُومٍ وَحَمِيمٍ
ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا
56:43وَظِلٍّ مِّن يَحۡمُومٍ
۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا
56:44لَّا بَارِدٍ وَلَا كَرِيمٍ
جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ
56:45إِنَّهُمۡ كَانُواْ قَبۡلَ ذَٰلِكَ مُتۡرَفِينَ
بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا
56:46وَكَانُواْ يُصِرُّونَ عَلَى ٱلۡحِنثِ ٱلۡعَظِيمِ
۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا
56:47وَكَانُواْ يَقُولُونَ أَئِذَا مِتۡنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبۡعُوثُونَ
۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
56:48أَوَءَابَآؤُنَا ٱلۡأَوَّلُونَ
يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا
56:49قُلۡ إِنَّ ٱلۡأَوَّلِينَ وَٱلۡأٓخِرِينَ
(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان
56:50لَمَجۡمُوعُونَ إِلَىٰ مِيقَٰتِ يَوۡمٍ مَّعۡلُومٍ
ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا
56:51ثُمَّ إِنَّكُمۡ أَيُّهَا ٱلضَّآلُّونَ ٱلۡمُكَذِّبُونَ
وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ
56:52لَأٓكِلُونَ مِن شَجَرٍ مِّن زَقُّومٍ
ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ
56:53فَمَالِـُٔونَ مِنۡهَا ٱلۡبُطُونَ
پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ
56:54فَشَٰرِبُونَ عَلَيۡهِ مِنَ ٱلۡحَمِيمِ
پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ
56:55فَشَٰرِبُونَ شُرۡبَ ٱلۡهِيمِ
پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ
56:56هَٰذَا نُزُلُهُمۡ يَوۡمَ ٱلدِّينِ
قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي
56:57نَحۡنُ خَلَقۡنَٰكُمۡ فَلَوۡلَا تُصَدِّقُونَ
اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو
56:58أَفَرَءَيۡتُم مَّا تُمۡنُونَ
ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو
56:59ءَأَنتُمۡ تَخۡلُقُونَهُۥٓ أَمۡ نَحۡنُ ٱلۡخَٰلِقُونَ
تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
56:60نَحۡنُ قَدَّرۡنَا بَيۡنَكُمُ ٱلۡمَوۡتَ وَمَا نَحۡنُ بِمَسۡبُوقِينَ
اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون
56:61عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ أَمۡثَٰلَكُمۡ وَنُنشِئَكُمۡ فِي مَا لَا تَعۡلَمُونَ
ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو
56:62وَلَقَدۡ عَلِمۡتُمُ ٱلنَّشۡأَةَ ٱلۡأُولَىٰ فَلَوۡلَا تَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
56:63أَفَرَءَيۡتُم مَّا تَحۡرُثُونَ
ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو
56:64ءَأَنتُمۡ تَزۡرَعُونَهُۥٓ أَمۡ نَحۡنُ ٱلزَّٰرِعُونَ
سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
56:65لَوۡ نَشَآءُ لَجَعَلۡنَٰهُ حُطَٰمًا فَظَلۡتُمۡ تَفَكَّهُونَ
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو
56:66إِنَّا لَمُغۡرَمُونَ
(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون
56:67بَلۡ نَحۡنُ مَحۡرُومُونَ
بلڪ اسين بي نصيب آھيون
56:68أَفَرَءَيۡتُمُ ٱلۡمَآءَ ٱلَّذِي تَشۡرَبُونَ
ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو
56:69ءَأَنتُمۡ أَنزَلۡتُمُوهُ مِنَ ٱلۡمُزۡنِ أَمۡ نَحۡنُ ٱلۡمُنزِلُونَ
اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
56:70لَوۡ نَشَآءُ جَعَلۡنَٰهُ أُجَاجًا فَلَوۡلَا تَشۡكُرُونَ
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
56:71أَفَرَءَيۡتُمُ ٱلنَّارَ ٱلَّتِي تُورُونَ
ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو
56:72ءَأَنتُمۡ أَنشَأۡتُمۡ شَجَرَتَهَآ أَمۡ نَحۡنُ ٱلۡمُنشِـُٔونَ
تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون
56:73نَحۡنُ جَعَلۡنَٰهَا تَذۡكِرَةً وَمَتَٰعًا لِّلۡمُقۡوِينَ
اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي
56:74فَسَبِّحۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلۡعَظِيمِ
تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر
56:75فَلَآ أُقۡسِمُ بِمَوَٰقِعِ ٱلنُّجُومِ
پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو
56:76وَإِنَّهُۥ لَقَسَمٌ لَّوۡ تَعۡلَمُونَ عَظِيمٌ
۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي
56:77إِنَّهُۥ لَقُرۡءَانٌ كَرِيمٌ
بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي
56:78فِي كِتَٰبٍ مَّكۡنُونٍ
لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي
56:79لَّا يَمَسُّهُۥٓ إِلَّا ٱلۡمُطَهَّرُونَ
پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي
56:80تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ
جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي
56:81أَفَبِهَٰذَا ٱلۡحَدِيثِ أَنتُم مُّدۡهِنُونَ
پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا
56:82وَتَجۡعَلُونَ رِزۡقَكُمۡ أَنَّكُمۡ تُكَذِّبُونَ
۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا
56:83فَلَوۡلَآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلۡحُلۡقُومَ
پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي
56:84وَأَنتُمۡ حِينَئِذٍ تَنظُرُونَ
۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو
56:85وَنَحۡنُ أَقۡرَبُ إِلَيۡهِ مِنكُمۡ وَلَٰكِن لَّا تُبۡصِرُونَ
۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو
56:86فَلَوۡلَآ إِن كُنتُمۡ غَيۡرَ مَدِينِينَ
پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو
56:87تَرۡجِعُونَهَآ إِن كُنتُمۡ صَٰدِقِينَ
ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو
56:88فَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلۡمُقَرَّبِينَ
پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو
56:89فَرَوۡحٌ وَرَيۡحَانٌ وَجَنَّتُ نَعِيمٍ
ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي
56:90وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنۡ أَصۡحَٰبِ ٱلۡيَمِينِ
۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو
56:91فَسَلَٰمٌ لَّكَ مِنۡ أَصۡحَٰبِ ٱلۡيَمِينِ
ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي
56:92وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلۡمُكَذِّبِينَ ٱلضَّآلِّينَ
پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو
56:93فَنُزُلٌ مِّنۡ حَمِيمٍ
ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني
56:94وَتَصۡلِيَةُ جَحِيمٍ
۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي
56:95إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ حَقُّ ٱلۡيَقِينِ
بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي
56:96فَسَبِّحۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلۡعَظِيمِ
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر
Translation: Taj Mehmood Amroti.